رابرٽ ارسڪن

رابرٽ ارسڪن (1735-1780 -Robert Erskine): مشهور سياح ۽ ليکڪ رابرٽ ارسڪن، 1758ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان تجارتي سلسلي ۾ سنڌ آيو. ان وقت سنڌ (ڪلهوڙا دؤر) ۾ قلمي شوري جو واپار اوج تي هو. سنڌ ۾ قلمي شورو تمام گهڻو ٿيندو هو ۽ ان جي تمام گهڻي گهرج هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، سنڌ ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر رابرٽ ارسڪن کي سنڌ موڪليو، جنهن ان وقت جي سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي درٻار ۾ حاضر ٿي، کيس هڪ اشرفي، هڪ بخمل جو ٿان ۽ ڪجهه آرسيون ڪمپنيءَ طرفان سوکڙيءَ طور پيش ڪيون. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کيس موٽ ۾ هڪ ڪيمخواب جو چوغو، هڪ شال، هڪ پٽڪو، هڪ خنجر، هڪ سون سان مڙهيل تلوار ۽ چانديءَ جي سنجن سان سينگاريل هڪ ايراني گهوڙو تحفي ۾ ڏنو. رابرٽ ارسڪن جي درخواست تي ميان غلام شاهه، ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ تجارتي ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏني. رابرٽ ارسڪن کي ميان غلام شاهه کان مليل پرواني ۾ انگريزن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به قوم کي سنڌ ۾ قلمي شوري خريدڻ جي اجازت نه هئي. ان ۾ اهو به لکيل هو ته جيڪڏهن انگريزن جو جهاز ٻڏي يا ڪو ٻيو نقصان پهچي ته سنڌ حڪومت جا سرڪاري ماڻهو سندن مدد ڪندا. انگريزن جي جهازن تان محصول به ختم ڪيو ويو ۽ شاهبندر تي کين ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏني وئي، ان بعد کليل ڪوٺيءَ کي ترقي وٺرائي ڪارخانو قائم ڪيو ويو، جتي ساليانو ڏهه هزار مڻ قلمي شورو صاف ٿيڻ لڳو. ڪمپنيءَ 1764ع ۾ پندرهن هزار اٺ سؤ چوراسي (15884) رپيا نفعو ڪمايو، جيڪو ان دور ۾ هڪ سال جو تمام وڏو نفعو هو. ان وقت رابرٽ ارسڪن سنڌ ۾ ڪمپنيءَ جو صدر هو. هن صدر جي حيثيت ۾ جيڪا ڪمپنيءَ کي رپورٽ موڪلي، ان رپورٽ کيس سياح بڻائي ڇڏيو. رپورٽ بابت ڊاڪٽر سورلي لکيو آهي ته: ”اها سنڌ جي تجارتي ۽ اقتصادي حالتن تي شاندار رپورٽ هئي. ان ۾ ڪمپنيءَ جي خاص تجارتي شين، ڪمپنيءَ جي تجارت کي هٿي ڏيڻ ۽ بحري فوج قائم ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو ۽ ان سان گڏ غلام شاهه ڪلهوڙي جي درٻار، سنڌ جي مالي حالتن، سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ سرڪاري اپائن بابت اهم تفصيل شامل هئا.“ رابرٽ ارسڪن، سنڌ بابت جيڪا مختصر معلومات ڏني آهي، تنهن مان ان وقت جي سنڌ جي خوشحاليءَ جي خبر پوي ٿي. سنڌ جي تاريخ ۾ رابرٽ ارسڪن هڪ سياح طور مشهور آهي.


لفظ رابرٽ ارسڪنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو